ڪراچي (رپورٽر) جماعتِ اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته صدرِ پاڪستان لاءِ تاحيات ڇوٽ هر لحاظ کان غلط ۽ شرمناڪ آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته صدر کي تاحيات ڇوٽ ڏيڻ ديني، آئيني، جمهوري، سماجي ۽ سياسي طور تي به مڪمل طور غلط ۽ افسوسناڪ فيصلو آهي ۽ انصاف جي نظام ۾ ڇرو هڻڻ جي برابر آهي، پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي جي جهموريت اڳ ئي وصيت، وراست ۽ وڏيرا شاهيءَ تي هلي رهي آهي، ميمبرن جي خريد و فروخت، ميئرشپ تي قبضن ۽ فارم 47 ذريعي سياست کي اڳتي وڌائڻ کانپوءِ هاڻي اهي عدالتن کان به مٿاهون ٿيڻ چاهين ٿا، حافظ نعيم الرحمان چيو ته 27هين آئيني ترميم بابت جيڪي تفصيلون سامهون اچي رهيون آهن اهي ڏاڍيون خوفناڪ آهن، اپوزيشن کي گهرجي ته ان کي مڪمل طور تي رد ڪري.