سنڌ دشمن منصوبن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ 27هين ترميم آندي پئي وڃي:زين شاهه

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) سن ۾ ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي صدارت ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي رٿيل حيدرآباد ۾ جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سن ۽ منظورآباد ۾ ڌار ڌار گڏجاڻيون ٿي گذريون گڏجاڻين ۾ تعلقي مانجهند سان تعلق رکندڙ ايس يو پي ڪارڪنن راڄن جي چڱن مڙسن آبادگارن شاگردن واپارين هارين زميندارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ سائين جي ايم سيد جي پرامن سياسي جدوجهد جي روشني ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پيپلز پارٽي جا ڪرپٽ وزير، ڪامورا لالچ ۽ خوف ۾ ڪڏهن به حق سچ جي رستي تي نه بيهندا، اهي ڌارين جي دلالي ڪندي غداري پيا ڪن،ڪروڙين عوام جي حق غضب ڪرڻ ۾ پ پ  ٽول شامل آهي، مشرف دور کان پوءِ آئيني ڍانچو آڻڻ کان پوءِ وطن دشمن منصوبن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ 27هين آئيني ترميم آندي پئي وڃي، جعلي اليڪشن ذريعي آيل آصف زرداري ۽ وزير اعظم شهباز شريف ذريعي ترميم آندي وئي آهي جنهن ۾ وزير اعظم طرفان ملڪ کان باهر هئڻ باوجود وڊيو لنڪ ذريعي ڪارو قانون ڪابينا کان پاس ڪرايو ويو، 27 هين ترميم ذريعي عدالتن مٿان فيڊرل دستوري ڪورٽون آڻڻ جو منصوبو ٺاهي ان تي رٽائر جج ۽ ڪي وڪيل جج مقرر ڪيا ويندا جن جا مدا اسيمبلي جي ميمبرن کان به وڌيڪ هوندا، زين شاهه وڌيڪ چيو ته عوام جي بالادستي بدران ٺاهيل قانون تحت سرڪاري ملڪيتون معدني وسيلا سمنڊ پاڻي تي قبضو ڪيو ويندو، ايس يو پي مستقبل مزاجي سان ماضي جيان سڀني سنڌين کي گڏ ڪيو آهي، سيد زين شاهه چيو ته ملڪ تي سول مارشل لا 27 هين ترميم خلاف حيدرآباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل ملڪي ليول جي جماعتن طرفان ايس يو پي جي ميزباني ۾ تحريڪ جي شروعات ڪئي پئي وڃي جنهن جي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا عوام کي روڊن تي آڻي منصوبا رد ڪرائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.