اسلام آباد(ابصار عالم)پاڪستان ۾ 27هين آئيني ترميم جي تحت چيف آف ڊي فنس اسٽاف (Chief of Defence Staff) جو عهدو تخليق ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ڪيترائي تجزيه نگار ۽ سياسي حلقا پنهنجو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن. هميشه عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ پارليامينٽ جي مخالفت ۾ ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جي اختيار کي محدود ڪيو ويو. پر هاڻي لڳي ٿو ته پارليامينٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ گڏجي عدليه کي سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.پر، پارليامينٽ کي جي ايڇ ڪيو جي هي سپورٽ غير مشروط نه آهي،مخالف ڌر کي خدشا آهن ته اسٽيبلشمينٽ رول وڌي ويندو،مخالف سياسي پارٽيون ۽ ڪجهه آزاد تجزيه نگار چون ٿا ته آرمي جي اختيار ۾ اضافو ٻين فورسز جي آزادي ۽ پلاننگ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.مستقبل جا آرمي چيف ان صلاحيت ۽ قابليت سان ليس نه هوندا،فيلڊ مارشل جي مهارت ۽ قيادت سبب موجوده سسٽم ڪامياب ٿيو، پر مستقبل ۾ سڀئي آرمي چيف ايتري قابليت ۽ سگهه وارا هوندا؟ايئر فورس ۽ نيوي جي پنهنجي حڪمت عملي ۽ فيصلا سازي متاثر ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي جيڪڏهن چيف آف ڊي فنس اسٽاف آرمي چيف کانسواءِ ٻئي فورسز مان چونڊجي نه سگهندو.سوال اڀري ٿو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ فيلڊ مارشل نه آهي، ۽ صرف ائر فورس يا نيوي جا فائيواسٽار آفيسر آهن، ته پوءِ سي ڊي ايس جو عهدو ڪيئن ڪم ڪندو؟