خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
رياستي ادارن خلاف بيان تي سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس سائبر ڪرائم رپورٽنگ سينٽر اسلام آباد ۾ اين سي سي آءِ اي جي سب انسپيڪٽر جي فرياد تي سائبر ڪرائم ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي متن موجب سوشل ميڊيا تي موجود وڊيوز ۾ رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سهيل آفريدي اڊيالا جيل ٻاهران رياستي ادارن خلاف ڪوڙ تي ٻڌل ميڊيا ٽاڪ ڪئي.
متن موجب پي ٽي آءِ جي آفيشل پيج تان به رياستي ادارن خلاف وڊيو کي پکيڙيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.