ترميمن جي مخالفت ووٽ سان ڪرڻ گهرجي سياست سان نه: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم کي رات جو ڇوٽ بابت خبر پئي، هن فوري طور اها شق ڪڍڻ جي هدايت ڪئي، شهباز شريف چيو ته مون کي هميشه ان عهدي تي ناهي رهڻو، چونڊيل وزيراعظم لاءِ جيڪو آئين ۾ لکيل آهي اهو مناسب آهي.
پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان جو 85 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، اميد ته ڪميٽي اڄ شام تائين پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺندي.
هن چيو ته اختلاف ڪرڻ هر سياسي جماعت جو حق آهي، جنهن کي به مخالفت ڪرڻي آهي ووٽ ذريعي ڪري سياست ذريعي نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.