صوابي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جيڪڏهن 1973 جو آئين بگاڙيو ويو ته سموري ذميواري پ پ تي لاڳو ٿيندي.
صوابي مان جاري ڪيل بيان ۾ اسد قيصر چيو ته پ پ 1973ع جي آئين ۽ 18هين ترميم جو ڪريڊٽ کڻندي آهي پر هاڻ اها 27هين آئيني ترميم جي سهولتڪار بڻجي وئي آهي.
هن چيو ته آئين کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي، اهڙي قانون سازي جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي، 73ع جو آئين پاڪستان لاءِ هڪ وڏو تحفو هو، ڏاڍ سان قانون ٺاهيو پيو وڃي، ڇا آئين ائين ٺهندو آهي؟ اهڙي روين سان ملڪ کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته طاقت جو توازن هڪ پاسي ۽ عدليه کي مڪمل طور مفلوج ڪيو پيو وڃي، 26هين آئيني ترميم سان عدليه اڳ ئي گهڻي حد تائين مفلوج ٿي وئي آهي، جڏهن ججن جي بدلي به حڪومت ڪندي ته اهي ڪيئن انصاف موجب فيصلا ڪندا.
اسد قيصر چيو ته 27هين آئيني ترميم ملڪ خلاف هڪ وڏي سازش آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان خلاف آواز اٿارڻو پوندو، ظلم جي نظام خلاف بغاوت جو اعلان ڪيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي.
You might also like