27ھين آئيني ترميم ۾ عدالت ۽ جمھوريت جو جنازو ڪڍيو ويو آھي:اياز پليجو

ٿاڻو بولا خان(پ ر)قومي عوامي تحريڪ ٿاڻو بولا خان شھر ۾ 27 آئيني ترميم خلاف، سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت لاءِ نامياري قانوندان، دانشور اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوزڪي اسٽاپ کان  محبت سنڌ پيادل مارچ ڪيو، جيڪو شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندو بينظير چوڪ پھتو مارچ ۾ عورتن سميت ھزارين ماڻهن 27 ھين آئيني ترميم نامنظور، عدالتن جو قتل نامنظور، جمھوريت جو قتل نامنظور، سنڌ ڪنهن جي سنڌين جي، درياھ خاطر جھيڙو آ، سنڌو خاطر جھيڙو آ، ڪئنال نامنظور جي سخت نعريبازي ڪئي. جلسي ۾ مرڪزي  اڳواڻ منان شيخ، اشفاق چنڙ، امداد پنھور، اعجاز سومرو، لياقت گبول، شبير ساند، مقصود جھتيال، لکانو پالاري، مٺل گبول، سنڌياڻي تحريڪ جي صبا سمون، بختاور خاصخيلي، سيما جوڳي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا.  ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته  27ھين آئيني ترميم پيش ڪري عدالت ۽ جمھوريت جو جنازو ڪڍيو ويو آھي. اقتدار خاطر انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آھن. جمھوريت کي ختم ڪري آمريت جا دروازا کوليا ويا آھن. اظھار جي آزادي، عوام جي آواز کي بند ڪرڻ جا ڪارا قانون جوڙيا پيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ جا وسيلا لٽي غربت، بيروزگاري، جھالت، انتھاپسندي ۽ ڪارو قانون مسلط ڪيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. هن چيو ته    آئون سنڌين کي آگاھ ٿو ڪيان ته  27 آئيني ترميم ذريعي توهان جو وطن، سمنڊ، پئٽرول، گئس، ڪوئلو، جبل، درياھ، ٻيلا، ٻيٽ، ڪارونجهر، ڪينجهر، تاريخي ماڳ، وسيلا روزگار وڃن پيا. ھي ڪرپٽ حڪمران ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر، چيئرمين موجود توڙي اڳوڻا پيپلزپارٽي ۽ وفاق جا حڪمران، وزير اھي سڀ ھن ڏوھ ۾ شامل اٿو، جيستائين انهن جو بائيڪاٽ نه ڪندو تيستائين سنڌ جي خوشحالي نہ ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو ته  ذات پرستي، ڌاڙيل ڪلچر، انتھاپسندي، قبيلائي سرداري ۽ جاگيرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آھن،هن چيو ته  دراوت ڊيم جو پاڻي تي وزيرن ۽ حڪومتي ماڻھن جو قبضو آھي. ڪوھستان جي زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن. ڳوٺن کي ريگيولائيز ڪري انھن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن،هن چيو ته  ٿاڻو بولاخان، ڪوھستان سميت سڄي سنڌ کي منشيات جو اڏو بنايو ويو آھي. ھر سال فصلن جا ھٿرادو اگهھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.