اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم بابت اپوزيشن طرفان پيپلز پارٽي تي غير منصفانه تنقيد ڪئي پئي وڃي، جڏهنته اسان 1973ع جي آئين تي ڪڏهن به قدغن نه اچڻ ڏني آهي، ان جي تحفظ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن،سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته اڄ جو ڏينهن اتفاقِ راءِ جو هجڻ گهرجي، ٿورو پوئتي هٽي مطالعو ڪيو وڃي ته پيپلز پارٽي پنهنجي سڃاڻپ ۽ آئين جي روح کي برقرار رکيو آهي،هن وڌيڪ چيو ته آئيني ترميم ڪرڻ انهن ايوانن جو حق آهي، ۽ اسان سڀ گڏجي عوامي حقن جا ضامن آهيون،هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کي ريورس (واپس وٺڻ) نه پر تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي۔ وفاق تي دٻاءُ ضرور آهي، ۽ اسان ان کان واقف آهيون اڄ جيڪو بحث ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي ئي مطالبي سبب ممڪن ٿيو آهي.