امر جليل جو جنم ڏينهن، سگا پاران سندس رهائشگاهه تي رهاڻ رچائي وئي

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جي وفد جي سنڌ جي ليجنڊ ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ دانشور امر جليل سان سندس سالگرهه جي موقعي تي هڪ رهاڻ سندس رهائشگاھه تي ترتيب ڏني وئي، جنھن ۾ سگا جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، سگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر تاج محمد وساڻ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر مسرت خواجا ۽ سگا سچل ڳوٺ شاخ جي جنرل سيڪريٽري محمد سليمان وساڻ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي امر جليل جي سالگرھه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ کيس گلدستا، اجرڪ ۽ لنگيون پارايون ويون، امر جليل کي سنڌي ادب ۾ سندس خدمتن عيوض سگا پاران لائيف ٽيم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ پيش ڪيو ويو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي امر جليل چيو ته منھنجي لکڻين جو محور سنڌ آهي ۽ مونکي سنڌ جي ماڻھن اڻ ميون محبتون ڏنيون آهن، ماڻھن جي خدمت ڪرڻ هڪ اهم ڪم آهي، جيڪو سگا اڌ صدي کان ڪري رهي آهي.
هن سگا سٿ جا ٿورا مڃيا ته اوهان مون کي مان بخشيو ۽ چيو ته هو هر قدم تي سگا جي سٿ سان گڏ آهي.
سگا جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سگا جي ڪم بابت مختصر تعارف پيش ڪندي امر جليل جي ادبي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ کيس سنڌ جو رهنما ڪوٺيو.
سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري امر جليل جي ڪهاڻين، ڪالمن ۽ نثر جو ذڪر ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.
پروفيسر اعجاز قريشي امر جليل جي ادبي ڪم جو مختصر تعارف پيش ڪندي کيس سالگرهه جون مبارڪون پيش ڪيون.
ڊاڪٽر مسرت خواجا، تاج محمد وساڻ ۽ محمد سليمان وساڻ پڻ امر جليل جي ادبي ڪم تي کيس سنڌ جي محسن ۽ رهنما طور پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.