بماڪو (ويب ڊيسڪ) اولهه آفريقي ملڪ مالي ۾ هٿياربندن 5 ڀارتي شهرين کي اغوا ڪري ورتو پر ڪنهن به گروهه ذميواري قبول ناهي ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي شهري مالي ۾ هڪ ڪمپني لاءِ ڪم ڪندا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن ۽ ڪمپني تصديق ڪئي آهي ته مالي جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪوبري نالي ڳوٺ ڀرسان هٿياربندن 5 ڀارتي شهرين کي اغوا ڪيو آهي.
ڪمپني جي نمائندي موجب اداري لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين ڀارتي شهرين کي علائقي مان ڪڍي تخت گاهه بماڪو پهچايو ويو آهي.
واضح رهي ته مالي جي فوجي حڪومت وڌندڙ بدامني کي روڪڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن جو ذميوار ڏوهاري گروهن ۽ القاعده ۽ داعش گروپ سان سلهاڙيل عسڪريت پسندن کي قرار ڏنو ويندو آهي.
You might also like