ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا صائمه قريشي چيو آهي ته جڏهن سندس پٽ کي محبت ٿي ته هن کيس چيو ته شادي پنهنجن وسيلن تي ڪر، جنهن تي کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي.
صائمج قريشي ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن کان سندس ٽنهي پٽن جي پرورش ۽ ٻين موضوعن سوال پُڇيا ويا.
اداڪارا چيو ته هن پنهنجي ٻارن کي نهايت دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو آهي، پر جڏهن سختي جي ضرورت هوندي آهي ته سختي به ڪندي آهي.
شو جي ميزبان چيو ته اسان کي ٻارن کي دل ٽٽڻ جهڙن ڏکين مرحلن لاءِ پڻ تيار ڪرڻ گهرجي، هر وقت سندن ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن انهن ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن اسان نه هونداسين ته هو اڪيلو ڪيئن رهندا، ان لاءِ کين اڳواٽ تيار رهڻ گهرجي.
ان صائمه هڪ قصو ٻڌايو ته ”جڏهن منهنجو وڏو پٽ 18-19 سالن جو هو ته کيس هڪ ڇوڪري سان محبت ٿي، مون کان وسري ويو هو ته ٻارن کي ان مرحلي مان به گذرڻو پوندو، اهو مرحلو ڏاڍو ڏکيو هو، مون هڪ ڏينهن کيس ويهاريو ۽ پڇيو ته ڇا ڪرڻو آهي.“
هن چيو ته ”مون پٽ کي صاف لفظن ۾ چيو ته ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ايتري محبت آهي ته مان توسان گڏ ڇوڪريءَ جو رشتو وٺڻ هلان ٿي، هاڻي ئي شادي ڪريو، پر ياد رک شادي لاءِ مان توکي ٽڪو به ڪو نه ڏينديس.“
اداڪارا چيو ته ”مون پٽ کي چيو ته پنهنجي خرچ تي شادي ڪر، جيڪڏهن تون وٽ ايترا وسيلا آهن ته ڀلي ڪر، پوءِ ڏسنداسين ته توکي ڪيتري محبت آهي.“
صائمه قريشي موجب، هن پٽ پنهنجو اپارٽمينٽ وٺڻ، گهر جو ڀاڙو، گروسري ۽ سڀ خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ جو چيو ۽ کيس ٻڌايو ته ماءُ جي پئسن تي محبت ڪرڻ سولو آهي، پوءِ پٽ کي ڳالهه سمجهي ويو.
پٽ کي شاديءَ جو شوق هو، چيومانس پئسا اٿئي ته ڪر مان ٽڪو ڪونه ڏيندي سانءِ: صائمه قريشي
Prev Post
Next Post
You might also like