برسبين (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي ويو، جنهن جي تنيجي ۾ ڀارت سيريز 2-1 جي نتيجي سان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
برسبين جي گابا ڪرڪيٽ گرائونڊ تي آسٽريلوي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ڀارت طرفان اننگز جي شروعات اوپنرز اڀيشيڪ شرما ۽ شُڀمن گل ڪئي، جن 4.5 اوورن ۾ بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان جي گڏيل طور تي 52 رنسون ٺاهيون، جنهن دوران برسات شروع ٿي وئي.
ان وقت اڀيشيڪ شرما 23 ۽ شُڀمن گل 29 رنس سان ڪريز تي موجود هئا، ميچ آفشلز مسلسل برسات سبب ميچ بنا نتيجي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اهڙي طرح ڀارت پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي نتيجي سان فاتح رهيو.
واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ڪينبرا ۾ کيڏيل پهرين ميچ به برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.
ميلبورن ۾ ٿيل ٻي ميچ ۾ آسٽريليا چئن وڪيٽن سان ڪامياب ٿيو، پر ٽئين ۽ چوٿين ميچ ۾ ڀارت کي ڪاميابي ماڻي.
شاندار ڪارڪردگي تي ڀارتي اوپنر اڀيشيڪ شرما کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
You might also like