نيپرا بجلي سستي ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو .
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي في يونٽ بجلي 37 پيسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي نيپرا في يونٽ بجلي 48 پيسا سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جيڪو لائيف لائين واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو.
نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب، بجلي سيپٽمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سستي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بجلي واهپيدارن کي رليف نومبر جي بلن ۾ منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته اِهو رليف ڪراچي جي واهپيدارن به لاڳو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.