زلزلا ايندا، عالمي بحران پيدا ٿيندو، جنگون لڳنديون، بابا وانگا جون 2026 بابت اڳڪٿيون

بلغاريه سان واسطو رکندڙ نابين عورت نجومڻ بابا وانگا اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور آهي.
بابا وانگا دنيا جي اهڙين شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن جون عالمي سطح تي تاريخي ۽ افسوسناڪ واقعن بابت ڪيل اڳڪٿيون صحيح ثابت ٿيون.
بابا وانگا جو جنم 1911ع ۾ ٿيو ۽ هوءَ 1996ع ۾ 85 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، وفات کان اڳ هن دنيا جي تاريخ جا ڪيترائي وڏا واقعا اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيا هئا، جن مان هڪ 9/11 واري دهشتگردي جو واقعو پڻ شامل هو.
بابا وانگا جي پرورش رومانيا ۾ ٿي، هوءَ 12 ورهين جي هئي جڏهن سخت مٽيءَ جي طوفان ۾ اکين جو نور وڃائي ويٺي، هوءَ رڳو جڙي ٻوٽين جي ماهر نه هئي پر هڪ مذهبي پيشوا پڻ هئي، جنهن 5079ع تائين جون اڳڪٿيون ڪيون، هن جو خيال هو ته ان کانپوءِ دنيا ختم ٿي ويندي.
بابا وانگا جون 2026ع بابت اڳڪٿيون
بابا وانگا جي 2026ع بابت دنيا ۾ وڏي پيماني تي زلزلا ، ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ ۽ موسمي شدت سبب ڌرتيءَ جو 7 کان 8 سيڪڙو علائقو تباهه ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته يورپ ۾ رڪارڊ گرمي، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا ۾ باهه لڳڻ ۽ ميانمار جهڙن علائقن ۾ زلزلا، اڳ ئي عالمي خدشن کي جنم ڏئي چڪا آهن، جنهن سبب هن اڳڪٿي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
بابا وانگا جو نالو عالمي تڪرارن بابت اڳڪٿين سان جڙيل رهيو آهي، هن جي 9/11 واري اڳڪٿي درست ثابت ٿي هئي، نجومڻ موجب، 2026ع ۾ دنيا ۾ وڏيون طاقتون چين، روس ۽ آمريڪا وچ ۾ سخت تڪرار پيدا ٿي سگهن ٿا.
ڪجهه رپورٽن موجب، چين تائيوان تي قبضي جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو ۽ روس ۽ آمريڪا ۾ سڌو ٽڪراءُ به ٿي سگهي ٿو.
بابا وانگا جي هڪ ٻي اڳڪٿي موجب، 2026ع ۾ انسانن جو پهريون ڀيرو خلائي مخلوق يا تهذيبن سان رابطو ٿي سگهي ٿو، ڪجهه رپورٽن موجب، هڪ وڏو خلائي جهاز ڌرتيءَ جي ويجهو اچي سگهي ٿو، جيڪو ”Interstellar” نالي خلائي مشن سان ڳنڍيو پيو وڃي.
بابا وانگا جي هڪ اڳڪٿي آهي ته 2026ع عالمي معيشت لاءِ انتهائي ڏکيو سال ٿي سگهي ٿو.
بابا وانگا موجب،، 2026ع ۾ هٿرادو ڏاهپ ( آرٽيفيشل انٽيليجنس) دنيا جي اهم شعبن تي حاوي ٿي ويندي، جنهن سان نه رڳو روزگار ۾ رنڊڪ ايندي پر سنگين سماجي ۽ اقتصادي مسئلا پڻ پيدا ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.