سکر/گهوٽڪي/ ميرپورماٿيلو/ اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر گينگ خلاف پوليس ۽ رينجرز جي هلندڙ گڏيل آپريشن ۾ 10 ڌاڙيل مارجي ويا هڪ درجن کان وڌيڪ ڌاڙيل زخمي ٿيڻ جا اطلاع، مارجي ويل ڏوهارين مان 8 ڄڻن جا لاش پوليس پنھنجي تحويل وٺي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايا ويا مارجي ويل ٻن ڏوهارين جا لاش ۽ زخمين کي پنهنجا ساٿي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته شر گينگ خلاف گذريل ڏينهن کان آپريشن هلندڙ هو جيڪو هڪ ڪوٽ اندر ڏوهاري پوليس جي گهيري هيٺ هيا پوليس ڪوٽ ۾ لڪل ڏوھارين کي ماري آپريشن ڪيليئر قرار ڏنو، مارجي ويل شر گينگ جي ڏوهارين جي پوليس پاران سڃاڻپ ڪنفرم نه ڪري سگهي، ڇو ته ڪنهن ڏوهاري جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهيل هئا جڏهن صحافتي ڪنفرم ذريعن موجب مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ سنڌ پنجاب جي حدن دهشت جي علامت بڻيل 50 لک انعام رکيل ڏوھاري شاهو ڪوش جاڳو ڪوش نذير شر اڪبر شر غلام شر داغو شر قربان شر شامل آهن ۽ زخمين ۾ ثنا الله ولد جنگل شر ،سنهڙو ولد منو شر ,اصغر عرف مالي ولد عمر شر ,الاهي شر سميت درجن کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن مارجي ويل اڪبر شر انعام يافته ڌاڙيل راحب شر جو ڀاءُ آهي جنهن جو لاش به پوليس تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جڏھن ته ڏوهارين جا لاش 12 ڪلاڪن تائين اسپتال پوڻ کان پوءِ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو لاش کڻائي رانوتي طرف روانو ٿيو، ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڌاڙيلن پاران بيا ون پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار امجد ڊرگ شهيد ٿي ويو هو ۽ ٻه پوليس اهلڪار خليل لغاري زوار بوهڙ زخمي ٿي پيا هئا جنهن کان پو۽ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري ڪچي اندر لٿل هئي مسلسل آپريشن کان پو۽ پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آھي، هوڏانهن شر سيلرا ڌونڌو تڪرار به هلندڙ هو جيڪي شرگينگ جي ڏوهارين کي گهيري هيٺ آڻي ورتو ته پوليس اي پي سي چين ۽ بڪتر بند گاڏين ذريعي آپريشن جاري رکيو ويو هو جنهن ۾ پوليس کي ايتري وڏي ڪاميابي ملي هوڏانهن پوليس ۽ رينجرز هن مهل تائين به ڪچي اندر لٿل آهي مختلف علائقن تي پوليس ۽ رينجرس جو ڪڙو چڙهيل آهي ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، ڌاڙيلن خلاف ڪامياب آپريشن تي گھرو وزير ضيا لنجار ۽ آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کي شاباش ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڏوھارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ حڪم ڏنو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جو چوڻ آهي ته ڏوهارين خلاف آپريشن دوران سنڌ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي پوليس اهلڪارن جي شھادتن اغوا قتل ڦر ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ گهربل 8 ڏوهاري مارجي ويا آهن مارجي ويلن ۾ پنجاب جو انعام يافته ڌاڙيل شاهو ڪوش پڻ شامل آهي، ڏوهارين سان ڪا به رعايت نه ٿيندي، آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي.
ماٿيلو: قبيلائي تڪرار تان ٻه ڏينهن اڳ 6 ماڻهو قتل ٿيا
ميرپورماٿيلو : رانوتي ڪچي ۾ شر ۽ ڪوش برادري جي ماڻهن پاران سيلرا برادري جي ڳوٺن تي حملا ڪري فائرنگ ڪري 6 ماڻهو قتل ڪيا هئا جنهن بعد گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرس رانوتي ڪچي ۾ گڏيل آپريشن شروع ڪيو، پوليس آپريشن دوران مارجي ويل ڏوهارين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرس آپريشن دوران مارجي ويل ڏوهارين جا لاش اوٻاوڙو اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
آپريشن دوران 12 خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويا:ڊي آءِ جي سکر
ڪراچي/ سکر (رپورٽر) سنڌ پوليس گهوٽڪي ۾ ڏوهارين خلاف جاري سرچ آپريشن دوران هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هن ڪامياب آپريشن ۾ پوليس انتهائي خطرناڪ ۽ گهربل ڏوهارين کي ماريو، جن ۾ اهي ڏوهاري به شامل هئا، جن جي مٿان سنڌ حڪومت انعام مقرر ڪيو هو، سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار گهوٽڪي ۾ ڏوهارين خلاف ڪامياب آپريشن تي ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي، ايس ايس پي سکر ۽ سندن ٽيم کي شاندار ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو، گھرو وزير چيو ته پوليس جي بهادري ۽ پيشيوراڻي حڪمت عملي سبب پوليس کي نمايان ڪاميابي حاصل ٿي آهي، خطرناڪ ۽ دهشت جي علامت بڻيل ڏوهارين جي مارجڻ سان پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي، امن امان تي موثر ڪنٽرول ۽ ڏوهن خلاف ڀرپور ڪارڪردگي تي گهوٽڪي پوليس تحسين جي لائق آهي، ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ جي نگراني هيٺ جاري آپريشن ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتراڻ، ايس ايس پي سکر، ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو ۽ سندن ٽيم ڀرپور حصو ورتو، ڊي آءِ جي سکر موجب، آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ شديد مقابلو ٿيو، جنهن ۾ 12 انتهائي خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويا، ماريل ڏوهارين ۾ ڪيترائي اهڙا هئا، جن جي مٿان سنڌ حڪومت طرفان انعام مقرر هو، انهن مان سڀ کان اهم ڏوهاري شاهه نواز عرف شاهو هو، جنهن جي مٿان 50 لک رپين جو انعام رکيل هو، ڊي آءِ جي سکر موجب، پوليس ست ڏوهارين جا لاش پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا، جڏهن ته پنج ڏوهارين جا لاش انهن جا ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي پاڻ سان کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مقابلي دوران لڳ ڀڳ ڏهه هٿياربند ڏوهاري سخت زخمي ٿيا، جن کي به ساٿي زخمي حالت ۾ ڀڄائي ويا۔ ماريل ڏوهارين جو تعلق شر گينگ سان ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪي ڊگهي عرصي کان علائقي ۾ خوف ۽ دهشت جي علامت بڻيل هئا، گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ پوليس ڏوهارين ۽ عادي ڏوهارين جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، صوبي ۾ امن ۽ امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم جاري رهندا.