اسلام آباد (قربان بلوچ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊگهي وقت کانپوءِ پارٽي جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد آصف علي زرداري ۽ پڦي کي سائيڊ لائن ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيءُ کي چيو ته اوهان جيڪو اسٽيبلشمينٽ سان نڀايو ۽ جيڪو ڪيو، اهو وقت گذري ويو آهي، هاڻي مان سياست ڪندس. پ پ ڪارڪن چون ٿا ته هاڻي سوديبازي نه ٿيندي، جيڪو ٿيو گهڻو ٿيو، ۽ اسان گهڻو وڃائي چڪا آهيون، ائين ئي هلڻ سان بلاول ڀٽو زرداري جي سياست ختم ٿي ويندي. هڪ ڏينهن اڳ سي اي سي جي اجلاس ۾ صدارت تبديل ڪئي وئي، پهريون ڀيرو سي اي سي جي صدارت بلاول ڀٽو زرداري ڪئي، سندس پيءُ آصف علي زرداري پاسي ۾ ويٺو هو، ٻئي پاسي اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، سندس پڦي کي ميز جي ڪنڊ تي واڌو ڪرسي تي ويهاريو ويو هو. ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد کي جيڪو پيغام ڏنو اهو پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ جيالن جو پيغام آهي ته سوديبازي هاڻي قبول ناهي. اسلام آباد ۾ پ پ جا اڳواڻ چون ٿا ته جيڪي اعلان ڪيا ويا آهن انهن تي سوديبازي نه ٿيندي. ائين لڳي ٿو ته اختيار بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتا آهن. هن وقت حالتون ڏکيون آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌي سگهن ٿيون، بلاول ڀٽو زرداري سميت پارٽي قيادت اعلانيل اصولن تي بيهي سگهندو يا نه بيهي سگهندو، اهو وقت ٻڌائيندو. پارٽي ڏکئي وقت مان نڪري وئي ته پوءِ ڏسڻو پوندو ته ڪيترا ماڻهو بلاول سان گڏ رهن ٿا ۽ نڪري وڃن ٿا.