اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪيو آهي ته آئيني ترميم بابت معاملا اڄ شام تائين حل ٿي ويندا، آرٽيڪل 243 ۽ آئيني عدالت تي اڳ ئي اتفاقِ راءِ ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻن ٽن ٻين نڪتن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي ته جيئن مڪمل اتفاق حاصل ڪيو وڃي،هن چيو ته ارڙهين ترميم کي ڪنهن صورت ۾ هٿ نه لڳايو ويندو، ۽ اين ايف سي ايوارڊ بابت به صلاح مشورا جاري آهن،هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ هڪ اهم تجويز اها به شامل آهي ته سول سروس ۽ هٿياربند فوجن ۾ اهڙا آفيسر يا عهديدار مقرر نه ٿين، جن وٽ ٻٽي شهريت هجي،