بلاول ڀٽو جو آرٽيڪل 243 ۾ ترميم جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرٽيڪل 243 ۾ ترميم جي حوالي سان پيپلز پارٽي حمايت ڪندي، آئيني عدالتون ٺاهيون وڃن.
پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي (سي اي سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته ميثاقِ جمهوريت جي ٻين معاملن تي به غور ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ ترميم جي حوالي سان پيپلز پارٽي حمايت ڪندي، آئيني عدالتون ٺهڻ گهرجن.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ججز جي مقرري ۽ بدلي بابت حڪومتي تجويزن تي پارٽي جي ميمبرن ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي اي سي جي ميمبرن راءِ ڏني ته ججز جي بدلي جو اختيار حڪومت وٽ نه هئڻ گهرجي، ججز جي مقرري ۽ تبديلي جو اختيار جڊيشل ڪميشن وٽ رهڻ گهرجي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ سينيئر ميمبرن راءِ ڏني ته عدليا جي ڪمزوري جو نقصان سياستدانن کي برداشت ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.