لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا موٽر وِيڪل آرڊيننس 1965ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ڪابينا جي منظوري کان پوءِ موٽر وِيڪل آرڊيننس ۾ منظور ڪيل 20 ترميمن واري سمري پنجاب اسيمبلي ڏانهن موڪلي وئي آهي.
سمري موجب، موجودا چالان جي شرح 200 رپين کان هڪ هزار رپين تائين آهي، جڏهن ته نئين تجويز موجب چالان جي شرح 2 هزار رپين کان 20 هزار رپين تائين وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
اوور اسپيڊ تي موٽر سائيڪل لاءِ 2 هزار، 2000 سي سي ڪار لاءِ 5 هزار، 2000 سي سي کان وڌيڪ ڪار لاءِ 20 هزار، جڏهن ته ڪمرشل ۽ پبلڪ سروس گاڏين لاءِ 15 هزار رپيا ڏنڊ تجويز ڪيو ويو آهي.
سمري ۾ ٽريفڪ سگنل جي ڀڃڪڙي تي 2 هزار کان 15 هزار، لائين يا زيبرا ڪراسنگ جي ڀڃڪڙي تي 10 هزار، ڊرائيونگ دوران فون استعمال ڪرڻ تي 2 هزار کان 15 هزار رپين تائين ڏنڊ، ۽ نابالغ ڊرائيور کي گاڏي يا موٽر سائيڪل ڏيڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
سمري موجب، ڪار ۾ ڊرائيور سان گڏ فرنٽ سيٽ تي ويهندڙ لاءِ سِٽ بيلٽ لازمي قرار ڏني ويو آهي، جڏهن ته گاڏين جو ڊيزائن تبديل ڪندڙن خلاف به ڪارروائي تجويز ڪئي وئي آهي.
پنجاب اسيمبلي ڏانهن موڪليل سمري ۾ ڊجيٽل چالان ۽ ڪمپيوٽرائزد لائسنس کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي تجويز پڻ شامل آهي، جڏهن ته آرڊيننس تحت موٽر سائيڪل تي پويان ويهندڙ لاءِ به هيلمٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
سمري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي پوائنٽ بيسڊ سسٽم لاڳو ڪيو ويندو، جنهن تحت مختلف ڀڃڪڙين تي 2 کان 4 پوائنٽ ڪٽيا ويندا، 20 پوائنٽ ڪٽجڻ جي صورت ۾ ڊرائيونگ لائسنس 6 مهينن کان هڪ سال تائين معطل ڪيو ويندو.