صوبن جا اختيار گهٽايا ويا ته مخالفت ڪنداسين، تبديليءَ جو جهموريت تي اثرانداز ٿيڻ قبول ناهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (جي يو آءِ ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني ترميم جو ڪو به مسودو اڃا تائين سامهون ناهي آيو، جيڪڏهن صوبن جا اختيار گهٽايا ويا ته اسان مخالفت ڪنداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي، پر ترميم جو ڪو مسودو اڃا منظرعام تي ناهي آيو، تنهنڪري 27هين ترميم تي في الحال نٿو ڳالهائي سگهجي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته 26هين آئيني ترميم ۾ حڪومت 35 شقن تان هٿ کڻي وئي هئي، جيڪڏهن انهن مان ڪا به شق 27هين ترميم ۾ ٻيهر پاس ڪئي وئي ته اِها آئين جي توهين سمجهي ويندي.
مولانا فضل الرحمان موجب، 26هين ترميم مان ختم ڪيل نڪتا 27هين ترميم ۾ قبول نه ڪيا ويندا، 18هين ترميم ذريعي صوبن کي اختيار ڏنا ويا هئا، جيڪڏهن صوبن جي اختيارن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ته اسان سخت مخالفت ڪنداسين.
هن واضح ڪيو ته 18هين ترميم تحت صوبن کي ڏنل اختيار گهٽائڻ جي ڪا به ڪوشش کي قبول نه ڪئي ويندي، جمعيت علماءَ اسلام هميشه صوبن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ، صوبن جي حق ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي، گهٽتائي نه.
مولانا فضل الرحمان چيو ته آرٽيڪل 243 سان لاڳاپيل تبديلي جيڪڏهن جمهوريت تي اثرانداز ٿيندي ته اها به قبول نه ڪئي ويندي، 26هين ترميم دوران سڄي پارليامينٽ گڏيل رابطي ۾ هئي ۽ ڪيترائي نڪتا پنهنجي مرضي سان شامل ڪرايا ويا هئا.
هن چيو ته وياج بابت حڪومت طرفان ڪا به اڳڀرائي نظر نه پئي اچي، ديني مدرسن جي رجسٽريشن به نه پئي ڪئي پئي وڃي، ديني مدرسن کي زبردستي تعليم واري وزارت جي ماتحت رجسٽر ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته پنهنجي ملڪ جي ٻارن کي پنهنجي سڳي اولاد جيان سمجهان ٿو، ملڪ ۾ هن وقت ڪجهه ٺيڪ ناهي، درستگي لاءِ اجمتاعي سوچ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.