27 هين ترميم کانپوءِ عدليه ۽ پارليامينٽ پنهنجو وقار وڃائي ڇڏينديون:زين شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيل ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو ۽ ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري کي آجياڻو ڏيڻ لاءِ قاسم آباد جي مقاملي هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي.ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته آئيني تبديلي عوام جي مفادن ۾ ڪئي ويندي آهي. جيڪا ايجنڊا بحث لاءِ هيٺ لاٿي ويندي آهي،پر هتي ائين نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 26 هين ترميم وانگر 27 هين ترميم کي پڙهڻ لاءِ پنو ناهي مليو. هن چيو ته عدليه ۽ پارليامينٽ پنهنجو وقار وڃائي ويهندا. عدليه طاقت وڃائي ويهندي. هن چيو ته اين ايف سي ۾ ستون ايوارڊ نه ملندو. هن چيو ته اين ايف سي ۾ اسان جا 4 ٽيڪس آهن. هن چيو ته اسپيشل انويسٽيمينٽ جي نالي تي اسان وسيلن تي حق وڃائي ويهنداسين. اسان جي  معدنيات ڏيڻ جو فيصلو هاڻ پارليامينٽ ۾ نٿو ٿئي،هن چيو ته سنڌ جي 6 ڪروڙ ماڻهن جو مستقبل داءِ تي لڳل آهي،صدر پاڪستان به آئين جو محافظ نٿو ٿئي. هن چيو ته ملڪ کي آئين مطابق هلايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بار جي اليڪشن ۾ وڪيل دوست پڙي تي وڪرو نه ٿين. ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري چيو ته هاڻ سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، اسان جو ڪم ماڻهن سان گڏ بيهڻ آهي. بيهنداسين،ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو چيو ته بار ۾ اسان تي سياست کڻي اچڻ جو الزام هڻندا هئا. اڄ اهي بنگلن تي وڃي ووٽ وٺن ٿا. هن چيو ته اسان مسنگ پرسن جا وڪيل به آهيون،هاڻ جيڪي گم شده ماڻهن تي بم جا ڪيس هڻن ٿا پر ائين هوندو ناهي. تقريب ۾ بدر چنا. امير آزاد پنهور. سجاد احمد چانڊيو. اسرار چانگ روشن ٻرڙو ۽ ٻين به ڳالهايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.