اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٽائرڊ ايئر ڪموڊور عبدالسلام اسلام آباد جي رهائشي علائقي بحريا انڪليو فيز 1 ۾ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
بني گالا ٿاڻي جي پوليس موجب هن پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻي زندگي جو انت آندو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي نفري پهچي وئي ۽ عبدالسلام کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو پر هن سورن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن ته جيئن ان مبينا آپگهات جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي واقعي ۾ ڪي شڪي عنصر سامهون ناهن آيا پر هر رُخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like