6 هزار عورت ملازمن جي هاسٽل جي باٿ روم ۾ ڳجهي ڪيمرائن جو انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ضلعي ڪرشنگري ۾ عورتن جي هاسٽل جي باٿ روم ۾ ڳجهي ڪيمرا لڳائڻ جي الزام ۾ هڪ عورت ۽ ان جي دوست کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب اهو واقعو ٽاٽا اليڪٽرانڪس پرائيويٽ لميٽيڊ جي وومينز هاسٽل ۾ پيش آيو، جنهن ۾ 11 ماڙ عمارت جي 8 بلاڪن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ عورت ملازم رهن ٿيون.
جوابدار عورت جي سڃاڻپ 22 ورهين جي نيلو ڪماري گپتا طور ٿي، اها اڙيسا جي رهواسڻ آهي ۽ ان ئي ڪمپني ۾ ڪم ڪندي هئي، ان پنهنجي دوست سنتوش جي اڪسائڻ تي 2 نومبر تي هاسٽل جي باٿ روم ۾ ڪيمرا لڳائي.
ڪيمرا لڳائڻ جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سوين عورتن هاسٽل آڏو احتجاج ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار ۽ ان جي دوست کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.