واٽس ايپ ۾ فون نمبر جي جاءِ تي يورز نيم جو استعمال، اهم فيچر ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو؟ ڪمپني ٻڌائي ڇڏيو

واٽس ايپ ۾ فون نمبرز شيئر ڪرڻ واري ضرورت ختم ڪرڻ وارو فيچر يوزر نيم ڊگهي عرصي کان آزمائش هيٺ آهي.
هاڻي ڪمپني ٻڌايو آهي ته ميسيجنگ پليٽ فارم جو هي اهم ترين فيچر واهپيدارن لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ طرفان يوزر نيم فيچر کي 2026 ۾ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمپني واٽس ايپ بزنس اڪائونٽس استعمال ڪندڙ ادارن يا واهپيدارن کي چيو آهي ته هو پنهنجو ورڪ فلو ترتيب ڏين ۽ ڪنڪٽڊ سسٽمز کي اپ ڊيٽ ڪن.
واٽس ايپ موجب، هي هڪ اختياري فيچر هوندو جنهن تحت واهپيدار کي اهو اختيار هوندو ته هو يوزر نيم يا فون نمبر مان ڪنهن هڪ کي ڊسپلي ڪرڻ لاءِ چونڊي سگهي.
ميٽا جي ماتحت ميسيجنگ ايپ موجب، يوزر نيم ذريعي واهپيدارن کي ڪيترائي فائدا حاصل ٿيندا.
فيچر سان پرائيويسي بهتري ايندي ۽ انفرادي واهپيدارن کي وڌيڪ تحفظ حاصل ٿيندو.
ويجهڙائي ۾ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ يوزر نيم ريزرو ڪرائڻ جو فيچر ڏٺو ويو هو جيڪو اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي.
ڪمپني موجب، جيڪي واهپيدار واٽس ايپ يوزر نيم چونڊيندا، تن کي بهتر خدمتون مهيا ڪرڻ لاءِ بزنس اڪائونٽس کي پنهنجا سسٽم تيار ڪرڻا پوندا.
ان مقصد لاءِ اهڙن بزنس اڪائونٽس کي جون 2026 تائين جو وقت ڏنو ويو آهي، يعني جون 2026 کان پوءِ يوزر نيم فيچر باضابطا طور تي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.