سنڌ حڪومت موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) شهيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي اعلان ڪيو آهي ته 17 نومبر سومر تي سڄي ضلعي ۾ سيد اصغر علي شاهه المعروف سخي ڄام ڏاتار جي 754هين سالياني عرس جي موقعي تي مقامي عام موڪل هوندي.
ضلعي انتظاميا طرفان جاري ڪيل سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب ان ڏينهن سڄي ضلعي ۾ سرڪاري آفيسون، تعليمي ادارا ۽ عوامي کاتا بند رهندا.
سخي ڄام ڏاتار جون ٽن ڏينهن واريون عرس تقريبون 17 کان 19 نومبر تائين ڄام صاحب ٽائون ۾ جاري رهنديون، جنهن ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ٻين حصن مان عقيدتمند شرڪت ڪندا.
سخي ڄام ڏاتار جو ساليانو عرس هن خطي جي وڏن اجتماعن مان هڪ آهي، جنهن ۾ مذهبي رسمن، صوفياڻي موسيقي ۽ لنگر جو اهتمام ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.