ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تي آپگهاتي حملي جي رٿابندي ۾ ملوث داعش خراسان جو اهم ڪمانڊر پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.
ذريعن موجب داعش خراسان گروپ جو اهم ڪمانڊر نثار حڪيم رات دير سان ڪيل پوليس جي ڪارروائي ۾ مارجي ويو.
پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪرڪ جي علائقي عمبري ڳوٺ ۾ هڪ ٺڪاڻي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ نثار حڪيم مارجي ويو.
تقريبن 4 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ان مقابلي ۾ 4 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا.
ذريعن موجب نثار حڪيم جي يو آءِ سربراهه تي ناڪام آپگهاتي حملي جي رٿابندي ۾ ملوث هو.
You might also like