لاهور کان جده ويندڙ پي آءِ اي اڏام جي پکي ٽڪرائجڻ سبب ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور کان جده ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 859 کي هنگامي طور ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو ويو.
ذريعن موجب جهاز سان هڪ پکي ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب ان جي ونڊ اسڪرين کي نقصان پهتو ۽ پائلٽ حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي جهاز کي حفاظت سان ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو.
اڏام ۾ 344 مسافر سوار هئا، جن ۾ وڏي انگ ۾ عمري زائرين به شامل هئا، واقعي ۾ سمورا مسافر محفوظ رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.