اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 27هين ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ اتحادي پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا.
ستاويهين آئيني ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ اتحادي جماعتن سان ملاقاتن جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تجويز ڪيل ترميم جي شقن ۽ موقف تي تفصيلي مشاورت ٿي.
ان کانپوءِ پ پ جو وفد نور خان ايئربيس روانو ٿيو، جتان هو خاص جهاز ذريعي ڪراچي ويندو ۽ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شامل ٿيندو. وفد ۾ مرتضيٰ وهاب، عرفان قادر، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، شيري رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.
ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي وفد گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري، صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰٰ ڪمال، قومي ايم اين اي ڊاڪٽر فاروق ستار، جاويد حنيف خان، سيد امين الحق ۽ خواجا اظهار الحسن جي اڳواڻيءَ ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ 27هين آئيني ترميم سان لاڳاپيل نقطن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن وزيراعظم تي زور ڏنو ته آئيني ترميم ذريعي بلدياتي حڪومتن کي مالي ۽ انتظامي سطح تي مڪمل اختيار ڏنا وڃن، جيئن عوامي مسئلا هيٺين سطح تي حل ٿي سگهن.
ان کانسواءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
وفد جي قيادت وفاقي وزير خالد مگسي ڪئي، جڏهن ته ٻين اڳواڻن ۾ سينيٽر محمد عبدالقادر، منظور ڪاڪڙ، ثمينا ممتاز ۽ دنيش ڪمار شامل هئا.
ذريعن موجب، بي اي پي جي وفد وزيراعظم سان بلوچستان جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت پڻ ڳالھيون ڪيون.
عليم خان جي قيادت ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جي وفد کي پڻ وزيراعظم 27هين ترميم بابت اعتماد ۾ ورتو.
مسلم ليگ (ق) جي وفد به وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومتي اتحاد 27هين آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي تياري ۾ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ستاويهين ترميم هلندڙ مهيني ئي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائي ويندي.
ستاويهين ترميم: حڪومت رابطا تيز ڪري ڇڏيا، وزيراعظم سان پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پارٽي وفدن جون مشاورتي ملاقاتون
You might also like