اي چالان سسٽم:حڪومت ڪنهن کان نٿي ڊڄي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ جي سينئر، ٽرانسپورٽ ۽ سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ جو آئين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٺاهيو هو، 18 هين آئيني ترميم به پاڪستان پيپلز پارٽي جي دور ۾ آئي سڀني تجويز ڪيل ترميمن تي پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) ۾ غور ڪيو ويندو،هن اها ڳالهه ڪالهه هڪ پريس  ڪانفرنس ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪئي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت اي-چالان سسٽم شروع ڪيو آهي، جنهن کي عوام طرفان ساراهيو پيو وڃي. حڪومت ڪنهن کان نٿي ڊڄي،ٽريفڪ چالان تي سياسي جماعتن پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي،ڊمپر واقعي ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن اهي گرفتار ٿي چڪا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.