آرٽيڪل 243 ۾ ترميم طئي ٿيڻ تائين ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي:خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وفاقي وزيرِ خواجا محمد آصف چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم اڃا حتمي صورت اختيار نه ڪئي آهي، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تي صلاح مشورو ٿي رهيو آهي. جيستائين آرٽيڪل 243 ۾ ترميم فائنل نه ٿئي مان ڪجھ نه چوندس. بچاءُ واري وفاقي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئيني ڪيس 6 سيڪڙو هجڻ باوجود منجهيل هجڻ سبب وقت وٺن ٿا، جيڪي جج روزانو ڪيس  ٻڌن ٿا، اهي ئي آئيني ڪيسن کي به ڏسن ٿا. هڪ تجويز اها به آهي ته الڳ آئيني عدالت هجي جنهن ۾ هر صوبي جي نمائندگي هوندي. ان جو چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ جو معاملو ٽئين اداري ڏانهن ويندو، ڪي پي اليڪشن ۾ دير ٿي هئي جنهن جي سبب آئيني مونجهارا ٿيڻ جا امڪان آهن. خواجا آصف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ جي اليڪشن، صدارتي اليڪشن سميت ٻيا مونجهارا نه اچن ان لاءِ نقص دور ڪيا پيا وڃن، ججز جي بدلي جو معاملو جوڊيشل ڪميشن حوالي ڪيو ويندو، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تي مشاورت ٿي رهي آهي، دفاعي گهرجون تبديل ٿي ويا آهن، هيُ سڀ ڪم باهمي مشاورت سان ٿيندو، جيستائين آرٽيڪل 243 ۾ ترميم فائنل نه ٿئي مان ڪجھ نه چوندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.