اسلام آباد(طلعت حسين)27هين آئيني ترميم لاءِ مڪمل تيار آهي. 26هين ترميم دوران پيدا ٿيل افراتفري مان سکيو ويو آهي. ان وقت مختلف مسودا گھمندا رهيا، جماعتن کي الڳ الڳ سهڻو پيو، فضلالرحمان، ايمڪيوايم، پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ سڀ پنهنجي پنهنجن محاذن تي هئا، ميڊيا جو به زور شور هو،هن ڀيري حڪمت عملي مختلف آهي،مسودو پهرين تيار ڪيو ويو،هاڻي رڳو پارلياماني عمل مان گذاري سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ويندو،چيو پيو وڃي ته فيلڊ مارشل جو عهدو وڌيڪ بااختيار ٿيندو ۽ ڪمانڊ اسٽرڪچر کي هڪجهڙي ريت ترتيب ڏنو ويندو.آئين جو آرٽيڪل 243 نئون لکجي ٿو پيو، جيئن جنگي نظام جديد بڻجي سگهي. جڏهن ته اين ايف سي ۾ گذريل 15 سالن ۾صوبن جو حصو 10 ڀيرا وڌيو،صوبن جون پنهنجي ٽيڪس وصوليون بمشڪل وڌيون . وفاق جو موقف آهي ته ملڪ قرضن تي هلي رهيو آهي، صوبن وٽ اختيار ته آهن پر پيسا پيدا نٿا ڪن،نئين تجويز ۾ صوبن جو حصو گهٽ نه ٿيندوپر جيڪڏهن وفاق قومي بحران (جنگ، ٻوڏ، وبا وغيره) ۾ پيسا لڳائي ٿو ته صوبن کي به مدد ڪرڻي پوندي نه ڪرڻ تي صوبي جي حصي ۾ ڪٽوتي ممڪن هوندي،پ پ اهو فارمولو بغير حصو گهٽجڻ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٻڌائي پئي وڃي حڪومت جي دعويٰ آهي ته ملڪ جو انتظامي رخ سڌري ويندو،جنگي ۽ معاشي صلاحيت وڌندي،صوبائي نظام موثر ٿيندو،اهو سڀ ان ڳالهه تي آهي ته نظام هلائيندڙن جي نيت ۽ صلاحيت ڇا آهي؟جيڪڏهن نيت صحيح نه ٿيندي ته دنيا جو بهترين نظام به ناڪام ٿيندو۔ساڳيون دعوائون 18هين ۽ 26هين ترميم وقت به ڪيون ويون هيون هاڻي ڏسڻو آهي ته 27هين ترميم واقعي نئون باب کوليندي يا وري ساڳيو چڪر ورجائبو.