اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڪراچي کان نيو يارڪ تائين جو منشور بڻجي ويو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيو يارڪ جي نئين چونڊيل ميئر ظهران ممداني کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هاڻ ڪراچي کان نيو يارڪ تائين انسانيت جو منشور بڻجي چڪو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ظهران ممداني جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اٽو، لٽو ۽ اجهو رڳو نعرو نه پر سڄي دنيا جي عوام جو بنيادي حق آهي.
هوڏانهن ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پڻ ظهران ممداني کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس ڪاميابي عالمي شهرن وچ ۾ سهڪار جو نئون باب کوليندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.