نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي اڄ پنهنجي 37هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
ان موقعي تي نه رڳو سندس مداح کيس شاندار ڪرڪيٽ ڪيريئر کي ياد ڪري رهيا آهن، پر سندس گهرواري ۽ بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما سان محبت ڀريو رشتو پڻ ساري رهيا آهن.
ويرات ۽ انوشڪا جي پريم ڪهاڻي 2013ع ۾ هڪ اشتهار جي سٽ تي ملاقات کان شروع ٿي، ڪيئي سالن ٻنهي پنهنجي رشتو ڳجهو رکيو، جنهن کانپوءِ جوڙي ڊسمبر 2017ع ۾ شادي ڪئي.
اداڪارا هڪ انٽرويو ۾ ويرات بابت چيو هو ته ”مان پنهنجي بهترين دوست سان شادي ڪري رهي آهيان، مان اهڙي ماڻهو سان شادي ڪري رهي آهيان، جنهن سان مان ڏاڍي محبت ڪيان ٿي، هو هڪ بهترين انسان آهي، جڏهن اسان گڏ هوندا آهيون ته دنيا جو وجود ئي ختم ٿي ويندو آهي.“
هن شادي جي شروعاتي ڏينهن بابت ٻڌايو ته ”شادي جا پهريان ڇهه مهينا اسان رڳو 21 يا 22 ڏينهن گڏ گذاري سگهياسين، ايتري قدر جو اسان جي گهر جي عملي کي به خوشي ٿيندي آهي، جڏهن اسان ٻئي گهر ۾ گڏ هوندا آهيون.“
انوشڪا اهو به چيو ته ويرات جي زبردست يادگيري کيس پَڪ ڏياري ته هو هڪ بهترين جيون ساٿي ثابت ٿيندو.
هن چيو ته ”جڏهن اسان هڪٻئي کي ڊيٽنگ ڪري رهيا هئاسين، تڏهن سندس يادگيري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو، مان کوڙ ساريون شيون وساري ويهندي آهيان، پر ويرات کي هر ڳالهه ياد هوندي آهي، تڏهين ئي مون سوچيو ته هو هڪ بهترين پارٽنر ثابت ٿيندو.“
واضح رهي ته ويرات ۽ انوشڪا کي ٻن ٻارن ڌيءَ واميڪا ۽ پٽ آڪائي جو اولاد آهي ۽ جوڙو هن وقت لنڊن ۾ رهي ٿو.
You might also like