غزاله هاشمي آمريڪي رياست ورجينيا جي پهرين مسلم عورت ليفٽيننٽ چونڊجي وئي

آمريڪي رياست ورجينيا ۾ سينيٽر غزاله هاشمي ليفٽيننٽ گورنر جي ڊوڙ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري آمريڪا جي اها پهرين مسلم عورت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، جنهن کي ڪنهن رياستي سطح جي عهدي تي چونڊيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ايبيگيل اسپينبرگر به گورنر طور چونڊجي ورجينيا رياست جي پهرين عورت گورنر بڻجي وئي آهي.
غزاله هاشمي پنهنجي حامين جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان سڀني گڏجي هڪ نئون تاريخي رستو ٺاهيو آهي.
اهو ٻيو ڀيرو آهي جو غزاله هاشمي تاريخ رقم ڪئي هجي، ان کان اڳ 2019 ۾ هوءَ ورجينيا جي قانون ساز اسيمبلي جي پهرين مسلم عورت ميمبر چونڊي هئي، هن واشنگٽن ڊي سي جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ ضلعي جي نمائندگي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.