جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته چالان رڳو ڊرائيور جو ٿيندو آهي ته هاڻ هوشيار ٿي وڃو، ڇو ته موٽر وي پوليس هڪ نئون قانون متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت گاڏي ۾ ويٺل مسافرن جو به چالان ٿيندو.
موٽر وي پوليس نئون قانون متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن تحت گاڏي ۾ ويٺل هر مسافر لاءِ سيٽ بيلٽ ٻڌڻ لازمي ٿي ويو آهي، نه ته ڏنڊ کان بچڻ ممڪن ناهي، مطلب هاڻ رڳو ڊرائيور نه مسافر به ذميوار آهي.
موٽر وي پوليس موجب ان قدم جو مقصد روڊن تي محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ ۽ حادثن دوران جاني نقصان گهٽائڻ آهي.
نئين هدايت تحت موٽر وي تي سفر ڪندڙ سمورن مسافرن کي پنهنجي سيٽ تي ويهندي ئي حفاظتي بيلٽ ٻڌڻ لازمي هوندو.
موٽر وي پوليس موجب اڪثر حادثن ۾ مسافرن جي جاني نقصان جو وڏو ڪارڻ سيلٽ بيلٽ نه ٻڌڻ هوندو آهي، تنهن ڪري قانون تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو ۽ ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
اختيارين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سيٽ بيلٽ جي استعمال کي پنهنجي عادت بڻائين ۽ ٽريفڪ قانونن جي پاسداري ڪندي محفوظ سفر يقيني بڻائين.
You might also like