ڏکڻ آفريڪا کي وڏو ڌڪ، ” بي بي اَي بِي “ به ون ڊي سيريز مان آئوٽ

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جو جارح مزاج بيٽر ڊيولڊ بريوس انجري سبب پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو.
ڪرڪييٽ سائوٿ آفريڪا طرفان جاري ڪيل بيان موجب، مڊل آرڊر بيٽر ڊيولڊ بريوس ڪُلهي جي انجري سبب پاڪستان خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
نوجوان بيٽر گذريل هفتي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي دوران ڪُلهي جي انجري ٿي هئي، ان کانپوءِ اسڪين ذريعي پتو پيو سندس ڪلهي ۾ سٽ اچي وئي آهي، جنهن سبب هو ون ڊي سيريز ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.
ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا موجب، ڪلهي جي معمولي انجري سبب ڊيولڊ بريوس پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بريوس جي متبادل رانديگر جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
واضح رهي ته بريوس”بيبي اي بي“ جي لقب ڄاتو وڃي ٿو، ڇو ته سندس بيٽنگ جو انداز اي بي ڊيوِيليئرز سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهي.
بريوس ڏکڻ آفريڪا لاءِ 6 هڪ ڏينهن واريون ميچن ۾ 159.42 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 110 رنسون ٺاهيون آهن.
ياد رهي ته پاڪستان پهرين ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي بعد ٻن وڪيٽن سان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.