اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي جهوني اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمي رضا رباني چيو آهي ته آئيني ترميمون جيڪڏهن منظور ٿي ويون ته اهي 18هين آئيني ترميم جي خاتمي جي برابر هونديون. رضا رباني پنهنجي بيان ۾ چيو ته وفاقي حڪومت پاران صوبائي خودمختياري بابت مجوزہ آئيني ترميم اصل ۾ 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهن. 2010 ۾ منظور ٿيل 18هين ترميم ۾ صوبن جا خدشا دور ڪندي ڪيترين وفاقي وزارتن ۽ ادارن کي صوبن ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، جن ۾ تعليم ۽ آبادي جا کاتا شامل هئا. هن خبردار ڪيو ته موجوده نازڪ سياسي حالتن ۾ صوبائي خودمختاري سان ڇيڙ ڇاڙ وفاق تي سنگين اثروجهي سگھي ٿو. رضا رباني چيو ته 18هين ترميم شدت پسند قوم پرستن کي سياسي بحث کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو۽ تجويز ڪيل تبديلين سان اهي ٻيهر غير آئيني سرگرمين ڏانهن راغب ٿي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته صوبن کي منتقل ڪيل وزارتن کي واپس وٺڻ وفاقي حڪومت لاءِ مالي بار بڻجندو ۽ مالياتي اختيارن جو واپسي، ڀائيواري وفاقيت جي اصولن جي خلاف هوندو. هن تجويز ڏني ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجا مالياتي معاملا صحيح نموني سان نٿو هلائي، ته صوبن کي سڀئي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ وفاقي خرچن کي گڏيل مفادن ڪائونسل ذريعي پورا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.