نيويارڪ(م ڊ) عالمي تنظيم ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ 2025 ۾ قانون جي حڪمراني ۾ ڊينمارڪ کي پهريون نمبر قرار ڏنو آهي جڏهن ته پاڪستان کي 130 نمبر تي برقرار رکيو آهي. رول آف لا انڊيڪس ۾ ڊنمارڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قانون پسند ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان 130هين نمبر تي برقرار رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ مطابق، ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ جي 2025 رول آف لا انڊيڪس ۾ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ قانون جي بالادستي ۾ ڪمزوري آئي آهي، جتي 68 سيڪڙو ملڪن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ زوال ڏٺو ويو آهي. رپورٽ مطابق، ڊنمارڪ مسلسل پهرين نمبر تي آهي، ان کان پوءِ ناروي، فنلينڊ ۽ سوئيڊن آهن. ٻئي طرف، آمريڪا جي درجه بندي 27هين نمبر تي اچي وئي آهي، جڏهن ته چين 92هين نمبر تي اچي ڪجهه بهتر ٿيو آهي. پاڪستان بدستور 130هين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ڀارت 79هين پوزيشن تي رهيو آهي. فهرست جي آخر ۾ وينزويلا 143هين ۽ افغانستان 142هين نمبر تي آهن، جڏهن ته روس ۽ سوڊان ۾ پڻ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ حڪومتي طاقت تي پابندين ۾ گهٽتائي ۽ آمريت جي رجحانن سبب قانون جي حڪمراني کي خطرو آهي.