ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته 18هين ترميم صوبن جي دلين جي ويجهو آهي ۽ ان تي ڪڏهن به سوديبازي نٿي ٿي سگهي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته گهڻي عرصي کان 27هين ترميم جي حوالي سان اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن پر هاڻ حڪومت باقاعدي پ پ سان 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان رابطو ڪيو آهي ۽ حمايت گهري آهي. هن چيو ته صوبن جي اختيارن تي پ پ اتفاق راءِ پيدا ڪيو، 18هين ترميم ۾ صوبن جي اختيارن کان پوئتي هٽڻ مناسب به ناهي ۽ ممڪن به نه هوندو، 18هين ترميم صوبن جي دلين جي ويجهو آهي، ان تي ڪڏهن سوديبازي نٿي ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته 27هين ترميم جي حوالي سان حڪومت جي تجويز کي پ پ جي سي اي سي ڪميٽي ۾ رکيو ويندو ۽ سي اي سي ۾ فيصلا ڪيا ويندا. شازيا مري چيو ته ن ليگ سان عوامي ايشوز تي ڳالهائينداسين، 27هين آئيني ترميم کي عوامي اعتبار سان به ڏٺو ويندو، پ پ هر معاملو اصولي موقف تي ڏسندي، جيڪڏهن حڪومت ڪنهن ڳالهه تي متفق آهي ۽ اسان کي متفق ڪرڻ چاهي ٿي ته ان تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي پي پي 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي خلاف آهي ۽ آئين کي هڪ طرفو تبديل ڪرڻ قبول ناهي، نوان صوبا نه ٺهي رهيا آهن.، اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته سارين ۽ چانورن جو في مڻ امدادي اگھ مقرر ڪري رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن جي اداري کي بحال ڪري فعال ڪيو وڃي. هن چيو ته چيو ته 18 هين ترميم جي منظوريءَ لاءِ نيشنل ڪميٽي قائم ڪري سڀني جماعتن جي اتفاق راءِ سان 18 هين ترميم کي منظور ڪرائي آئين جو حصو بڻايو ويو جنهن کي ڪو به ڊڪٽيٽر ختم نه ڪري سگهيو آهي. ان لاءِ پيپلز پارٽي 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي خلاف آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 27 هين ترميم جو اڃان تائين حتمي ڊرافٽ سامهون نه آيو آهي نه ئي ان متعلق حتمي ڊرافٽ پيپلز پارٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم پڻ 27 هين ترميم بابت ڪو به حتمي ڊرافٽ پيپلز پارٽي کي نه ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي وفد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي قيادت سان 27 هين ترميم جي ڪجهه نقطن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي جن نقطن جو پارٽي چيئرمين حوالي ڏنو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي 6 نومبر تي ٿيندڙ سي اِي سي اجلاس ۾ ان بابت غور ٿيندو ۽ 27 هين ترميم بابت حتمي فيصلو پارٽيءَ جي سي اِي سي ۾ ٿيندو. هن چيو ته 27 هين ترميم جي حتمي ڊرافٽ بابت عوام کي به معلوم هجڻ گهرجي ۽ اِها لڪ لڪوٽي واري راند بند ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوان صوبا نه پيا ٺهن ۽ صدارتي نظام جي آئين ۾ ڪا به گنجائش ناهي ۽ جيڪي ماڻهو صدارتي نظام جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ڇا انهن آءِ ايس پي آر جو بيان ناهي پڙهيو جنهن بيان ۾ آءِ ايس پي آر واضع ڪيو آهي ته کين سياست کان پري رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته اِهو ڪم پارليامينٽ جو آهي. نثار کهڙو چيو ته زراعت ڪرنگهي جي جي حيثيت رکي ٿي ۽ سنڌ 65 سيڪڙو زراعت پيدا ڪندڙ صوبو آهي پر ان باوجود سنڌ ۾ ٻن سالن کان آبادگار مصيبت جو شڪار آهن ۽ وفاقي حڪومت پاران سارين ۽ چانورن جو في مڻ امدادي اگهه مقرر نه ٿيڻ سبب سنڌ جي هر ضلعي ۾ آبادگار روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن پر وفاقي حڪومت ان جو ڪو به نوٽيس نه پئي وٺي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آبادگارن جي احتجاج جو نوٽيس وٺي ۽ سارين سميت چانورن جو في مڻ امدادي اگهه مقرر ڪيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت کان پڻ اِهو مطالبو ٿا ڪيون ته سارين جو امدادي اگهه مقرر ڪري رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن جي اداري کي بحال ڪري فنڪشنل ڪيو وڃي ۽ حڪومت ساريون ۽ چانور پڻ پاڻ خريد ڪري ته جيئن آبادگارن کي بهتر اگهه ملي سگهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جو بهانو بڻائي نه ڪا سبسڊي ڏئي رهي آهي نه ئي وري سارين سميت چانورن جو امدادي اگهه مقرر ڪري رهي آهي جنهن سان آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سيڙپڪاري مهانگي ڪئي وئي آهي ۽ فرٽيلائيزر ڊي اي پي جي ٻوري 14 هزار روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ زراعت جي واڌ ويجهه مائنس 3 سيڪڙو تي پهتي آهي پر وفاقي حڪومت زراعت کي هٿي ڏيڻ طرف ڌيان نه پئي ڏئي. ماضيءَ ۾ رائيس ايڪسپورٽ جو ادارو پڻ ختم ڪيو ويو ان لاءِ وزيراعظم کان مطالبو آهي ته رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن جي اداري کي بحال ڪري فعال ڪيو وڃي ۽ سارين جو پڻ مناسب اگهه مقرر ڪيو وڃي ان متعلق وزيراعظم خط لکندس. نثار کهڙو آر بي او ڊي ٽو معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته آر بي او ڊي ٽو جو منصوبو 42 ارب روپيه خرچ ٿيڻ جي باوجود اڃان تائين مڪمل ناهي ڪيو ويو آهي، اِهو منصوبو 2002ع ۾ 14 ارب روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو جيڪو 3 ڀيرا روائيز ٿي 62 ارب روپين تائين پهچي ويو ۽ هاڻي آر بي او ڊي ٽو کي مڪمل ڪرڻ لاءِ کاتي پاران 200 ارب روپين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي اِهو منصوبو سنڌ لاءِ اهم آهي ان لاءِ هن منصوبي تي فوري طور ڪم شروع ڪرائڻ لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو