شڪارپور ۾ دوا وٺڻ آيل زال مڙس ۽ نينگر جادوگر ڄاڻائي گرفتار

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) پوليس کان ڏوھاري ڏاڍا ٿي ويا، ٽوئنٽي بيڊ  اسپتال مان دوا وٺڻ لاءِ آيل سکر جي رھائيشي  زال مڙس ۽ نينگر کي  ڪاري جادو ڪرڻ جي الزام ۾ اسپتال مان گرفتار ڪري ورتو، نيو فوجداري پوليس گرفتار  سکر سستي بستي واسي پيرن ڏتو چوھاڻ کي نيو فوجداري ٿاڻي جي  لاڪپ ڪيو ، پوليس سندس گھر واري ۽ معصوم پٽ کي وومين سيل منتقل ڪيو جتان پٽ مڙس سميت گرفتار عورت وومين سيل مان ڀڄي ڪري پٽ سميت رڙيون ڪندي ٿاڻي مان ٻاھر نڪري اآئي عورت شھرين آڏو دانھيندي دانھون ڪندي چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون، سکر مان اسپتال  آيا سين اسان وٽ علاج جا پيسا نه ھئا ته ماڻھن کان پنڻ  شروع ڪيو، ڪجھه ماڻھن اسان جي علاج ۾ مدد ڪئي، پوليس ڪوڙو الزام هڻي گرفتار ڪرايو آهي، روڙين تي شهري به گڏ ٿي ويا، ٻيهر کين گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو، ٻئي پاسي عورت جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ٻنھي زال مڙس کي آزاد ڪري ڇڏيو، نيو فوجداري پوليس موجب گرفتار ٿيل زال مڙس سکر جي سستي بستي جا رھواسي ھئا جن مٿان الزام ھو ته ھو ڪارو جادو ڪري ماڻھن کان پيسا ڦري رھيا آھن، جاچ بعد کين آزاد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.