ناليواري اداڪار حمزا علي عباسي چيو آهي ته وڌيڪ شادين جو غير ازدواجي لاڳاپن سان ڪو واسطو ناهي، چار شادين باوجود به ماڻهن جي ٻاهر وات هڻڻ جي عادت ختم ناهي ٿيندي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي حمزا علي عباسي چيو ته ٻاهر وات هڻڻ جو واسطو شادي سان ناهي ۽ اهو ڏوهه 5 وڏن ڏوهن مان هڪ آهي، ٻاهر وات هڻندڙ لاءِ ابدي جهنم آهي، ان کي هڪ کان وڌيڪ شادين سان نه جوڙيو وڃي.
هن چيو ته خدا مرد کي هڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت ڏني آهي پر اها مشروط آهي، اهڙي اجازت اڻٽر حالتن سبب ڏني وئي آهي، خدا فرمايو ته جيڪڏهن مرد هڪ کان وڌيڪ گهر وارين سان انصاف ڪري سگهي ته هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري.
سندس چوڻ هو ته ٻاهر وات هڻڻ جي عادت اڪثر مردن ۾ ئي هوندي آهي ۽ ان جو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ شادين سان ڪو واسطو ناهي، جن مردن کي ٻاهر وات هڻڻ جي عادت هوندي آهي، اهي هڪ يا چار شادين کانپوءِ به ٻاهر وات هڻندا رهندا آهن.
حمزا علي عباسي چيو ته ان جي دين اسلام ۾ ڪا گنجائش ناهي، اهو وڏن ڏوهن مان هڪ آهي ۽ مردن کي اها عادت سختي سان ختم ڪرڻي پوندي.
You might also like