ڪنگ بابر اعظم ون ڊي ڪرڪيٽ ٻه اهم رڪارڊ ٽوڙي پاڪستان جي عظيم بيٽر بڻجي سگهي ٿو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ٻه اهم رڪارڊ ٽوڙي نئين تاريخ لکي سگهي ٿو.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز اڄ کان فيصل آباد ۾ شروع ٿي رهي آهي.
پاڪستان ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم صرف هڪ سينچري اسڪور ڪري سعيد انور جي سڀ کان وڌيڪ سينچرين واري رڪارڊ کي برابر ڪري سگهي ٿو.
سعيد انور پنهنجي ڪيريئر ۾ 247 ميچن ۾ 20 سينچريون ٺاهيون هيون، جڏهن ته بابر اعظم اڃا تائين 134 ميچن ۾ 19 سينچريون ٺاهي چڪو آهي.
بابر اعظم نه رڳو مُلڪي رڪارڊ ٽوڙڻ جي ويجهو آهي پر دنيا جو ٻيو تيز ترين بيٽر به بڻجي سگهي ٿو، جنهن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان گهٽ اننگز ۾ ويهه سينچريون مڪمل ڪيون آهن.
بابر اعظم پنهنجي 19 سينچريون 131 اننگز ۾ مڪمل ڪيون آهن، جيڪڏهن هو ايندڙ ٻن اننگز ۾ هڪ سينچري اسڪور ڪري ٿو ته هو ويرات ڪوهلي (133 اننگز) کان اڳتي نڪري ويندو.
اِهو اعزاز في الحال هاشم آملا وٽ آهي، جنهن رڳو 108 اننگز ۾ ويهه سينچريون مڪمل ڪيون هيون.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻي ون ڊي ڇهه نومبر تي، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ اٺ نومبر تي ساڳئي ميدان تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.