ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي تماشائين کي ڇهه ٻُڙي جو اشارو ڪندڙ حارث رئوف مٿان وڏي پابندي لڳي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) فاسٽ بالر حارث رئوف کي ٻه ميچن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان ايشيا ڪپ دوران ظابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪندي حارث رئوف کي ٻن ميچن جي معطلي، ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ ۽ 4 ڊي ميرٽ پوائنٽس جي سزا ٻڌائي آهي.
آءِ سي سي فيصلي کانپوءِ حارث رئوف ڏکڻ آفريڪا خلاف شروعاتي ٻن ون ڊي ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو.
ان کانسواءِ اوپنر صاحبزادا فرحان کي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ۽ وارننگ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادوَ مٿان ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ ۽ 2 ڊي ميرٽ پوائنٽ جي سزا ڏني وئي آهي.
سوريا ڪمار يادوَ کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.21 جي ڀڃڪڙي تي سزا ٻڌائي وئي ،
ڀارتي فاسٽ بالر ارشديپ سنگهه خلاف اڻوڻندڙ اشارن وارو الزام ثابت نه ٿيڻ تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي.
ياد رهي ته پاڪستان خلاف ميچ کانپوءِ سوريا ڪمار يادوَ سياسي بيان ڏنو هو، پر آءِ سي سي سندس خلاف وڌيڪ سخت قدم نه کنيا ۽ کيس معطل ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.