قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، فتنه الهندوستان جا چار دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پهرين نومبر جي رات سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، جنهن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد ڪيئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف مهم جاري رکندا ته جيئن پرڏيهي حمايت يافتا دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل طور ختم ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.