سنڌ جو ورھاڱو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو:عامر وڙائچ

ٺٽو(ڊ ر) سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڪراچي بار ايسوسيئشن جي صدر ايڊوڪيٽ عامر نواز وڙائچ ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي صدارتي اميدوار ايڊوڪيٽ حسيب جمالي چيو آھي ته 27 ھين ترميم ذريعي سنڌ کي ورھائڻ واري سازش سَٽي پئي وڃي، سنڌ جو ورھاڱو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، نون صوبن واري فيصلي کي بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي به قبول نه ڪندو، اھڙي فيصلي خلاف سخت مزاحمت ٿيندي ۽ وڏي تحريڪ جنم وٺندي، اھڙي فيصلي لاءِ جيڪو به ھنن کي مشورو ڏي پيو اھو غلط آھي.اهي ڳالهيون هنن ٺٽي ۾ پيپلز يوٿ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ نورحسين سرڪي جي وفات ڪري ويل والد پوليس افيسر مير دوست سرڪي جي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيون. ھنن چيو ته غَني اَمان ۽ سَرمد ميراڻي کي عدالت جي حڪم باوجود ڪسٽڊي ۾ کڻي وڃڻ افسوسناڪ ۽ تشويشناڪ عمل آھي، عدالت جي حُڪم کي پوليس جُتي جي نوڪ تي رکيو آھي. کِل پئي اچي اھڙي عمل تي ھنن ماڻھن کي قانون جي پرواھ ناھي، ان موقعي تي ايڊوڪيٽ عبدالحئي مغل، حمير سرڪي، ڀورو سرڪي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.