ڪراچي جو انفرا اسٽرڪچر ڏسي ڏک ٿئي ٿو: عليم خان

لاهور (بيورو) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته جڏهن به ڪراچي ايندو آهيان ته هتي جو انفرا اسٽرڪچر ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي جو موجودا انفرا اسٽرڪچر ملڪ جي معاشي مرڪز جي شايانِ شان ناهي، عبدالعليم خان چيو ته لياري ايڪسپريس وي تي جاري ڪم اطمينان بخش ناهي، ميمبر سائوٿ کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ لياري ايڪسپريس وي کي هڪ مثالي منصوبو بڻايو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته ايم 6 ۽ ايم 10 موٽروي منصوبا به هن مالي سال دوران شروع ڪيا ويندا، جيڪي سنڌ جي عوام لاءِ وفاقي حڪومت جو تحفو آهن، وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جي شهرين کي صاف سٿرو شهر ۽ معياري انفرا اسٽرڪچر فراهم ڪنداسين، موٽرويز مڪمل ٿيڻ بعد ڪراچي پورٽ سڄي ملڪ سان سڌي طرح ڳنڍجي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.