سنڌ جي وحدت ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو ته سخت مزاحمت ڪنداسين: قومپرست

ڪراچي/حيدرآباد(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته ملڪ ۾ 27هين آئيني ترميم آڻي صوبن جي خودمختياري تي  راتاھو هنيو پيو وڃي ۽ ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي هي اصل ۾ وفاق پاران صوبن جي ماليات، تعليم،صحت،آدمشماري ۽ عدليا تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي هڪ خطرناڪ سازش آهي جنهن سازش ۾ پيپلز پارٽي برابر جي شريڪ آهي،27هين آئيني ترميم جي ذريعي سنڌ جي وحدت،وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ڪيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو سخت مزاحمت ڪندا،پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هي ترميم ارڙهين آئيني ترميم کي غير اثرائتو بڻائڻ ۽ صوبائي اختيار کسڻ جي هڪ منظم ڪوشش آهي،هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه اقتدار جي خاطر وفاق ۾ قومي خودمختياري تي حملا،وسيلن جي نيلامي سميت ٻيا اهڙا ڪڌا ڪم ڪندي رهي آهي، 27هين آئيني ترميم ذريعي پيپلزپارٽي سنڌ جي قيمت تي اقتدار حاصل ڪري ماڻھن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندي، پيپلز پارٽي ماضي ۾ به اهڙا قدم کڻندي رهي آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي27 هين آئيني ترميم جي سخت مخالفت ڪري ٿي ۽ هر سياسي،قانوني ۽ عوامي محاذ تي ان جي خلاف جدوجهد جاري رکندي، هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ پاران 27 آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ۽ وسيلن جي ڦرلٽ، غير قانوني افغاني نيڪال نه ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، درياھ تي ڌاڙي خلاف 8 نومبر تي اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ٿاڻو بولا خان ۾ محبت سنڌ پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. پيادل مارچ ۽ جلسي جي سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ لياقت گبول، جميل پالاري، مٺل گبول، ميثم پالاري ،خادم گبول ۽ ٻين ٿاڻو بولاخان جي مختلف علائقن ۾ دعوتون ڏنيون، ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته 27 آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي وار ڪيو ويو ته سنڌ جو عوام انتھائي سخت مزاحمت ڪندو. سنڌ تي جيڪڏهن ڪنهن حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪھڙي به ايجنڊا تحت ڪھڙي به مقصد تحت ته ياد رکو حڪمرانو سنڌ تي حملو ٿيندو ته تڏهن سنڌ ۾ ذاتين، شھرن،جھنڊن، پارٽين فرق ڪونه ھوندو تڏهن سنڌ ھڪڙي مٺ ھوندي، ھڪڙي تسبيح ھوندي، ھڪڙي للڪار ھوندي ھڪڙو مضبوط حوصلو ۽ عزم ھوندي.اياز لطيف پليجي چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي 27 هين آئيني ترميم جون تياريون ٿي رهيون آهن، سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو ويندو. سنڌ دشمن 27 ھين ترميم ۾ پيپلزپارٽي وفاقي سرڪار جي سھولتڪار آهي. اڃان تائين نون ڪئنالن جي تلوار  سنڌ مٿان لٽڪيل آهي، مٿان وري نون صوبن ۽ 27هين ترميم  ذريعي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 27 آئيني ترميم سميت سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن منصوبي خلاف روڊن ۽ رستن تي سياسي جدوجهد ڪري قوم کي خطرن کان آگاھ ڪبو. هوڏانهن  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون  پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته مجوزه 27هين آئيني ترميم مارشل لا کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. 27هين آئيني ترميم وسيلي نون صوبن جي نالي ۾ پاڪستان کي وجود ڏيندڙ سنڌ جي وحدت مٿان وار ڪيو پيو وڃي،هنن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري 26هين آئيني ترميم ڪرائي اعلي عدليه کي مڪمل بي اثر ڪيو. اعلي عدالت کي مفلوج بڻائڻ کانپوءِ 27هين آئيني ترميم وسيلي سموري ملڪي نظام کي غير جمهوري قوتن حوالي ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. 27هين آئيني ترميم صوبن جي اختيارن مٿان حملو آهي. بلاول ڀٽو زرداري صوبن جا اختيار گهٽائڻ واري ترميم ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت ڪرسي خاطر هميشه اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي سنڌ ۽ ملڪ کي نقصان ڏنو آهي. غير جمهوري قوتون ذاتي ۽ گروهي مفادن خاطر ملڪ ۾ 71ع جهڙي صورتحال پيدا نه ڪن. 27هين آئيني ترميم وسيلي مظلوم قومن جي حقن تي راتاهو هڻڻ جو ڪريڊٽ به پيپلزپارٽي ڏانھن وڃي ٿو. بلاول ڀٽي زرداري وزيراعظم جي سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ جمهوريت ۽ صوبائي خودمختياري جو سودو ڪيو آهي. سنڌ جو عوام 27هين آئيني ترميم کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندو،ٻئي پاسي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته  27هين آئيني ترميم جي نالي ۾ جيڪڏهن سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي وئي ته سنڌ  خاموش نه ويهندي. سنڌ جي خودمختياري، اقتصادي وسيلن تائين دسترس ۽ آئيني حقن تي ڪنهن به قسم جي حملو برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ان جو سخت ردعمل ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ نوان تڪرار پيدا ڪرڻ بدران موجوده آئيني ڍانچي ۽ وفاقي توازن کي برقرار رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته  حڪمران ڌرين کي هوش ۾ اچڻ گهرجي،  سنڌ جي وسيلن ۽ حقن تي هٿ وجهڻ قومي هم آهنگي لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندو. جيڪڏهن 27هين ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست، وسيلن جي مالڪاڻا حقن يا صوبائي اختيارن کي گهٽايو ويو ته اها سڌو سنئون سنڌ جي عوام سان ٻيائي هوندي. هن واضح ڪيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪنهن به اهڙي قدم خلاف عوامي سطح تي مزاحمت شروع ڪندي ۽ ملڪ جي ٻين ترقي پسند قوتن، سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي سان رابطا وڌايا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.