بلاول وٽ وزيراعظم بڻجڻ جو بهترين موقعو آهي: فيصل واوڊا

اسلام آباد (م ڊ) سينئر سياسي اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 27 هين ترميم کان پوء بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ٿيڻ جو بهترين موقعو ملي سگھي ٿو. پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته 27 هين ترميم ايندي، جيڪا آساني سان منظور ٿي ويندي.هن چيو ته پارليامينٽرين جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي. جيڪڏهن 77 سالن جي عمر ۾ سياستدان ڪم ڪري سگھي ٿو ته ججن، پوليس ۽ فوج ۾ ڇو نٿا ڪري سگھن؟ پاڪستان جي ضرورت مطابق انهن کي پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي. سينئر سياسي اڳواڻ چيو ته 27 هين ترميم کان پوءِ 26 هين ترميم خلاف درخواستون غير ضروري ٿي وينديون، ۽ آئينی عدالت ملڪ جي ضرورت آهي. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته آصف زرداري سياسي چالن جو وڏو ماهر آهي، بلاول ڀٽو زرداري وٽ وزيراعظم بڻجڻ جو بهترين موقعو آهي. سيڪيورٽي جا معاملن کي وفاقي حڪومت کي ڏسڻ گهرجي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.