سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 589 ڊينگي ڪيس، 2 مريض فوت:صحت کاتو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ صحت کاتي  سڄي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي صوبي ۾ ڪل 5 هزار 978 ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1 هزار 589 ڪيس مثبت آيا، ڪراچي ڊويزن ۾ 4 هزار 444 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 876 مثبت ڪيس سامهون آيا، جڏهن⁠ ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 534 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 713 ڪيس مثبت نڪتا.سيڪريٽري صحت سنڌ ريحان بلوچ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سرڪاري اسپتالن ۾ 88 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ 92 نوان مريض داخل ٿيا، صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 126 مريض صحتياب ٿي گهر ويا، جڏهن⁠ ته نجي اسپتالن مان 97 مريض صحتياب ٿيام رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 اموات پڻ رپورٽ ٿيون.هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 210 آهي، ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 256 بيڊ، حيدرآباد ۾ 155 بيڊ، ٻين شهرن ۾ 565 بيڊ، مجموعي طور تي صوبي ڀر ۾ 976 بيڊ مختص ڪيا ويا آهن، سيڪريٽري ريحان بلوچ موجب ڪراچي ۾ هن وقت 36 ليبارٽريون ڊينگي ٽيسٽ ڪري رهيون آهن، جن مان 11 سرڪاري ۽ 25 نجي ليبارٽريون شامل آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 17 ليبارٽريون سرگرم آهن، جن مان 6 سرڪاري ۽ 11 نجي ليبارٽريون آهن.

ڌاٻيجي ۾ ڊينگي سبب نوجوان فوت، انگ 6 ٿي ويو

ڌاٻيجي (ن ع آ) ڌاٻيجي ۾ ڊينگي تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ هڪ نوجوان وائرس وگهي فوت ٿي ويو، چونڊيل نمائندن جي نااهلي جي ڪري ڌاٻيجي ۾ ھڪ مھيني اندر ڊينگي وگھي فوتين جو انگ 6 ٿي ويو، سوين پورھيت اسپتال ڀيڙا، گذريل ڏينھن يعقوب آباد واسي نوجوان  شعيب ڀٽي ڊينگي وگھي فوت ٿي ويو ، ان کان پھرين ڀنڀور واسي  علي احمد جوکيو، جدون ڪالوني واسي آصف آرائين، ماڊل ٽاون واسي ناصر خان، مراد احمد سٺيو ممتاز ملاح سميت 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا پر ان باوجود مختلف علائقن ساڪرو، ليٽ، لڌيا، گھارو ، ڌاٻيجي، غريب آباد مارڪيٽ، بلال نگر، يعقوب آباد،شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني، ماڊل ٽائون، بخاري پاڙو، ڀنڀور، بلوچ ڪالوني، ڳوٺ ھاشم ڪڇي ڳوٺ عبدالوهاب جوکيو ،آچارميربحر، دوست محمد زنگياڻي، نئين آبادي سميت آس پاس جي ڳوٺن ۾ زھريلي مڇر مار اسپري ٿيڻ ڪري ڊينگي وبا شدت اختيار ڪري وئي جنھن سبب سوين پورھيت ڊينگي جھڙي موضي مرض ۾ وڏي تيزي سان وٺجڻ لڳا، هتان جي رهواسين عبدالمالڪ بلوچ، وحيد پنھور، روشن ملاح ، شاهد سمون، مشتاق ڀنڀرو، عالم جوکيو ۽ ٻين سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري  اسپري ڪرائي علائقي واسين کي وڌيڪ ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.