آمريڪا اسرائيل جي حمايت ڇڏي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: ايراني سپريم ليڊر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته واشنگٽن جيستائين اسرائيل جي حمايت جاري رکندو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سهڪار ممڪن نه هوندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آيت الله علي خامنه اي چيو ته وچ اوڀر ۾ فوجي اڏا برقرار رکڻ ۽ خطي جي معاملن ۾ مداخلت جاري رکڻ تي به ايران آمريڪا لاڳاپا ممڪن ناهن.
واضح رهي ته ٽرمپ آڪٽوبر ۾ چيو هو ته آمريڪا ايران سان معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ايران سان دوستي ۽ سهڪار جو هٿ کليل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.